حاجي عبدالڪريم ٻگهيو

حاجي عبدالڪريم ٻگهيو

عبدالڪريم ٻگهيوحاجي

عبدالڪريم ٻگهيو،حاجي : ناليوارو اديب، زرعي ماهر ۽ مشهور سماج سڌارڪ عبدالڪريم ٻگهيو ولد غلام حيدر، 10 اپريل 1940ع تي ڳوٺ لوٿي وارهه، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم 1955ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول محمد کٽياڻ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1962ع ۾، انٽر گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1964ع ۾ حاصل ڪئي. ان کان سواءِ زراعت بابت فيلڊ اسسٽنٽ جو ڪورس پڻ ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 1966ع ۾ زراعت کاتي ۾ ايف. اي طور ڪئي. جنهن بعد هن زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام، ڪوٽ غلام محمد، بدين، دادو، ڊگهڙي وغيره ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هيءُ نوڪريءَ دوران سوشل فرٽيلٽي آفيسر ٽنڊو ڄام، اسسٽنٽ سوشل فرٽيلٽي آفيسر خيرپور ميرس، پروڊڪشن ايگزامانسٽ دادو، اي آر اسٽيشن نئون ديرو، ايگزامانسٽ ايگري ريسرچ انسٽيٽيوٽ ٽنڊو ڄام، اسسٽنٽ ڊئريڪٽر ايگريڪلچرل ايڪسٽينشن حيدرآباد، ڊپٽي ڊئريڪٽر دادو وغيره شامل آهن. پاڻ 31 آڪٽوبر 2001ع تي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تان دادوءَ مان رٽائر ٿيو. عبدالڪريم ٻگهيي کي لکڻ پڙهڻ سان ننڍپڻ کان ئي شوق هو. سندس ڪيترائي زراعت بابت مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. کيس هڪ وڏي لائبرري پڻ هئي، جنهن ۾ ناياب قلمي نسخن سميت عربي، فارسي، انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ جا پنج هزار کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن. سندس ٻه ڪتاب ‘لفظ لفظ خوشبوءِ’ (قول، پهاڪا ۽ چوڻيون: 2010ع) ۽ ‘سدائين سفر ۾’ (آتم ڪٿا: 2012) شايع ٿيل آهن. عبدالڪريم مختلف ادبي پروگرامن ۾ شريڪ ٿي حصو پڻ وٺندو هو. هن شهر جي غريب ٻارن لاءِ مفت ٽيوشن سينٽر کوليو، جنهن ۾ ديني ۽ دنيوي تعليم ڏني ويندي هئي. عبدالڪريم ٻگهيو، ميهڙ شهر ۾ غريب ماڻهن لاءِ هر سال اکين جي مفت طبي ڪئمپ لڳائڻ سميت هيپاٽائيٽس جي علاج لاءِ ڪيتريون ڪئمپون پڻ لڳايون، جن ۾ مريضن جي علاج کان سواءِ رهائش توڙي کاڌي پيتي جو بندوبست پڻ پنهنجي خرچ تي ڪندو هو. هن ڪيترن ئي معذورن کي پنهنجن پئسن مان ويل چيئرس وٺي ڏنيون. پاڻ حج جي سعادت پڻ حاصل ڪيائين. حاجي عبدالڪريم ٻگهيي، 30 جنوري 2017ع تي وفات ڪئي. کيس پنجن نياڻين ۽ ڇهن پٽن جو اولاد هو، جن مان روشن علي ٻگهيو ناليوارو جج ۽ اديب آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.04.10  عيسوي

ناليوارو اديب، زرعي ماهر ۽ مشهور سماج سڌارڪ عبدالڪريم ٻگهيو ولد غلام حيدر، 10 اپريل 1940ع تي ڳوٺ لوٿي وارهه، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضوي وقار احمد ڊاڪٽر
پرويز علي محمد
لڇمڻ خوبچنداڻي
گنو سامتاڻي
عنايت الله زنگيجو
شبير احمد مخدوم
رسول بخش ٻگھيو گچيرائي
شيرين فيروز نانا
پرويش شاهين
صديقي محمد علي ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون